October 26, 2021

پي آءِ اي کي غلط بياني ڳچيءَ ۾ پئجي وئي، ڪسٽمز جو وڏو قدم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪسٽمز پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز (پي آءِ اي) کان 2 ڪروڙ 70 لک رپين کان وڌيڪ ڪسٽم ڊيوٽي وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ڪسٽمز اختيارين موجب پي آءِ اي جهاز جي پرزن جي درآمدگي جي معاملي تي ڪسٽم ڊيوٽي کان بچڻ لاءِ غلط بياني کان ڪم ورتو، ان معاملي تي پي آءِ اي کي تحريري طور تي آگاهه ڪيو ويو آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪسٽمز ڊيوٽي ادا نه ڪرڻ تي پي آءِ اي جو سامان روڪيو ويو آهي، جڏهن ته غلط بياني تي پي آءِ اي تي 10 هزار رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ 2 ڪروڙ 70 لک رپين کان وڌيڪ ڪسٽم ڊيوٽي وصول ڪئي ويندي.

ڪسٽمز اختيارين موجب پي آءِ اي ٻڌايو ته تيل جي پيداوار ۾ استعمال ٿيندڙ شيون درآمد ڪيون پيون وڃن، انهن شين تي ڪسٽمز ڊيوٽي جي ڇوٽ هوندي آهي، جيتوڻيڪ ايئر لائن جهاز جا پرزا درآمد ڪيا هئا.