October 26, 2021

ڀارتي اداڪار منوج باجپائي جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ناليواري اداڪار منوج باجپائي جو پيءُ راڌا ڪنت باجپائي دهلي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اداڪار جو پيءُ ڪجهه هفتن کان گهڻو بيمار هو جڏهن ته منوج باجپائي اڄڪلهه ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ فلم جي عڪسبندي ۾ مصروف هو جيڪو پيءُ جي مرڻ جي خبر ٻڌي فوري طور تي دهلي پهتو.

راڌاڪنت باجپائي جي عمر 83 سال هئي جڏهن ته اها ڳالهه خبر نه پئجي سگهي ته هو ڪهڙي بيماري جي ڪري لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

واضح رهي ته اداڪار جي پيءُ کي گذريل مهيني طبيعت خراب ٿيڻ جي ڪري نئين دهلي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو.

طبيعت خراب ٿيڻ جو ٻڌي منوج باجپائي ڪيرالا کان نئين دهلي پهتو هو جڏهن ته پيءُ جي بهتر ٿيڻ کانپوءِ اداڪار شوٽنگ جي لاءِ ٻيهر ڪيرالا هليو ويو هو.