October 26, 2021

چرچ جا 3200 پادري ۽ ميمبر ٻارن سان زيادتي ۾ ملوث نڪتا

پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانسيسي ڪيٿولڪ چرچ ۾ 3200 پادري ۽ ميمبر ٻارن سان زيادتي ۾ ملوث نڪتا.

چرچ ۾ ٻارن سان زيادتي ڪيسن جي جاچ ڪندڙ ڪميشن جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته سال 1950 کان هيل تائين ٻارن سان زيادتي ۾ ملوث هزارين ماڻهو فرانسيسي ڪيٿولڪ چرچ ۾ ئي ڪم ڪندا هئا ۽ گهٽ ۾ گهٽ 2900 کان 3200 پادري ۽ ٻيا ميمبر ٻارن سان زيادتي ۾ ملوث هئا.

فرانسيسي ڪيٿولڪ چرچ ۾ ٻارن سان زيادتي جي جاچ لاءِ 2018 ۾ آزاد ڪميشن جوڙي وئي هئي.

ڪميشن جي اها رپورٽ 2500 صفحن تي ٻڌل آهي، جيڪا اڱاري تي جاري ڪئي ويندي.