October 26, 2021

اختر مينگل حڪومت کي ڌِڪو ڏيڻ لاءِ تيار

حب(ويب ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي واري تحريڪ ۾ ڌڪو ڏيڻ جو موقعو مليو ته ڌڪو ڏينداسين.

حب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته منهنجو فيصلو ذاتي فيصلو ناهي، پارٽي جو فيصلو آهي، بلوچستان ۾ سياسي بحران جو سبب حڪمرانن جون پنهنجون غلطيون آهن.

سردار اختر مينگل چيو ته سدائين جي ڏيئي مان ئي گهر کي باهه لڳندي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڏسڻو آهي ته پنڊورا باڪس جا نتيجا ڪهڙا نڪرن ٿا، ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين نه پهچايو ويندو ته پنڊورا نه وڏا وڏا ڊرم کُلندا.