November 28, 2021

بدعنواني ڪيس، اعجاز جکراڻي ڪنهن به وقت گرفتار ٿي سگهي ٿو: وڪيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيل کاتي جي صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي ضمانت جي درخواست تي وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس واپس وٺڻ جي درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ جيل کاتي جي صلاڪار اعجاز جکراڻي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته اعجاز جکراڻي خلاف تعليم کاتي جي صلاحڪار جي حيثيت سان بدعنوانين تي جاچ جاري آهي، اعجاز جکراڻي سپريم ڪورٽ مان ضمانت تي آهي، تنهن ڪري گرفتار نٿا ڪري سگهون.

اعجاز جکراڻي جي وڪيل محسن شهواڻي چيو ته چيو نيب جو موقف بدنيتي تي ٻڌل آهي، اعجاز جکراڻي خلاف نيب مختلف جاچون ڪري رهي آهي.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ جنهن انڪوائري جي ضمانت منظور ڪئي آهي، نيب ان ۾ ڪال اپ نوٽيس جاري نه ڪيو آهي، جڏهن ته ٻين جوابدارن کي ڪال اپ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، سپريم ڪورٽ ضمانت منظور ڪئي ته ٻن مهينن کانپوءِ نيب ڪال اپ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

بئريسٽر محسن شهواڻي چيو ته ڪال اپ نوٽيس کانپوءِ نيب ڪنهن به وقت گرفتاري ڪري سگهي ٿو، تنهن ڪري هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.

جسٽس اقبال ڪلهوڙي پڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هجڻ جي صورت ۾ اسان ڪيئن ٿا ٻڌڻي ڪري سگهون؟ جنهن تي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ضمانت جي مقصد لاءِ داخل ڪئي هئي، اها ملي وئي آهي.

عدالت چيو توهان اڳ ۾ سپريم ڪورٽ مان درخواست واپس وٺو ته اسان ٻڌڻي ڪري سگهون ٿا، جنهن تي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس واپس وٺڻ جي درخواست جمع ڪرائي آهي.

بئريسٽر محسن شهواڻي سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست جي نقل عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي، پوءِ عدالت اعجاز جکراڻي جي گرفتاري کان اڳ عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي 3 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.