November 28, 2021

روس پنڊورا پيپرز جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو

ماسڪو(ويب ڊيسڪ) روس پنڊورا پيپرز کي اڻ تصديقي دعوائون قرار ڏيندي انهن کي رد ڪري ڇڏيو.

ترجمان ڪريملن چيو آهي ته پنڊورا پيپرز رڳو اڻ تصديق ٿيل دعوائن تي ٻڌل هڪ مجموعو آهي.

واضح رهي ته پنڊورا پيپرز ۾ موناڪو اپارٽمينٽس جي مالياڻي سان گڏ روسي صدر پيوٽن جي مبينا لاڳاپا نڪري آيا آهن ۽ ان ۾ پيوٽن جو سڌي ريت نالو آهي.