October 26, 2021

طالبان جون نائب وزيراعظم سميت مختلف مقرريون

ڪابل(ويب ڊيسڪ) طالبان مولوي عبدالڪبير کي افغانستان جي نائب صدر وزيراعظم ڪري ڇڏيو جڏهن ته صوبن۾ به اهم مقرريون ڪيون ويون.

طالبان جي ترجمان ۽ سڌ سماءَ واري نائب وزير ذبيح الله مجاهد پڌرائي جاري ڪئي آهي جنهن موجب طالبان جي امير ملا هيبت الله اخوندزادا جي منظوري کانپوءِ ڪابينا ميمبرن جي انگ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

هن ٻڌايو ته نئين وزيرن سان گڏوگڏ صوبن ۾ به مختلف شعبن ۾ مقرريون ڪيون ويون آهن.

ذبيح الله مجاهد موجب مولوي عبدالڪبير کي افغانستان جو سياسي معاملن وارو نائب وزيراعظم مقرر ڪيو ويو آهي.

انکانسواءِ ملا عبدالحميد اخوند معذرن ۽ شهيدن بابت وزير هوندو جڏهن ته ان جو نائب عبدالرزاق اخوند هوندو.

مولوي سخاءُ الله تعليم جو نائب وزير هوندو جڏهن ته مولوي مطيع الحق کي هلال احمر جو سربراهه ۽ سخت گير اڳواڻ ملا نورالدين ترابي کي ان جو نائب بڻايو ويو آهي.

مولوي عبدالرشيد کي ڪابل جو ڊپٽي ميئر بڻايو ويو آهي، انکانسواءِ به طالبان مختلف صوبن ۾ به مقرريون ڪيون آهن.