October 26, 2021

عامر لياقت جي استعيفيٰ تي قومي اسيمبلي جو اهم بيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت جي استعيفيٰ تي قومي اسيمبلي جو ردعمل سامهون اچي ويو.

عامر لياقت سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي استعيفيٰ بابت آگاهي ڏيندي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف لاءِ دعا به ڪئي هئي پر هن پنهنجي ان فيصلي جو سبب نه ٻڌايو.

ٽوئيٽر تي پنهنجي مختصر بيان ۾ عامر لياقت چيو ته مان قومي اسيمبلي تان استعيفيٰ موڪلي ڇڏي آهي، الله پاڪ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جو حامي ۽ ناصر هجي، الله حافظ.

هاڻ قومي اسيمبلي ذريعن جو چوڻ آهي ته عامر لياقت جي استعيفيٰ وصول ناهي ٿي.

قومي اسيمبلي ذريعن موجب تحريڪ انصاف ڪراچي جي ميمبر پنهنجي استعيفيٰ بابت اسپيڪر آفيس کي آگاهه ناهي ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي استعيفيٰ وصول ٿيندي ته پوءِ ان جي تصديق لاڳاپيل رڪن کان ڪئي ويندي.