October 26, 2021

نيب جي ڊپٽي چيئرمين حسين اصغر عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊپٽي چيئرمين نيب حسين اصغر عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

سرڪاري ذريعن موجب ڊپٽي چيئرمين نيب حسين اصغر پنهنجي استعيفيٰ صدر عارف علوي کي موڪلي ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊپٽي چيئرمين نيب جي استعيفيٰ جا سبب سامهون ناهن آيا.