May 22, 2022

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ۾ پاڪ – ڀارت مقابلي جون ٽڪيٽون ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي کپي ويون

دبئي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي مقابلي پاڪ – ڀارت ميچ جون سموريون ٽڪيٽون ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي کپي ويون.

گڏيل عرب امارتن ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون 24 آڪٽوبر تي دبئي ۾ آمهون سامهون ٿينديون ۽ ان ميچ جون سموريون ٽڪيٽون ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي وڪرو ٿي ويون، جنهن کانپوءِ ڪيترن ئي شوقينن کي هزارن جي انگ ۾ آن لائن انتظار جي سيڪشن ۾ وڌو ويو.

آچر جي رات پاڪ – ڀارت ميچ جون ٽڪيٽون 1500 ۽ 2600 درهم ۾ پيش ڪيون ويون هيون، جيڪي سومر جي صبح تائين وڪرو ٿي ويون.

سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي ڪرڪيٽ مداحن ٽڪيٽ نه ملڻ جي دانهن ڪئي ۽ ٽڪيٽن ۾ واڌ جو مطالبو پڻ ڪيو.

واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ميچن دوران ڪورونا ايس او پيز تحت 70 سيڪڙو تماشائين کي اسٽيڊيم وڃڻ جي اجازت هوندي.

Follow by Email
YouTube
YouTube