November 28, 2021

ڪراچي جي بسن ۾ لنڊن ميٽرو کان وڌيڪ سهولتن جي دعويٰ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل گرين لائين منصوبي جو دورو ڪيو آهي.

عمران اسماعيل بس ۾ سرجاڻي کان حيدري تائين سفر ڪري انتظامن جو جائزو ورتو.

ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته بسن ۾ لنڊن ميٽرو کان وڌيڪ سهولتون موجود آهن.

لنڊن جي ميٽرو ۾ به ايتريون سهولتون ناهن جيتريون ڪراچي جي بس سروس ۾ آهن.

واضح رهي ته گورنر عمران اسماعيل جي دوري دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا، گرين لائن بس سان گڏ وي آءِ پي پروٽوڪول به گڏ هو.