October 25, 2021

ڪرپشن ريفرنس: روشن قناصري جي وڪيل کي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي ۾ ڪرپشن ريفرنس جي مک جوابدار اڳوڻي ايم ڊي سنڌ ٽوارزم روشن قناصري جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواست تي جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، جتي جوابدار روشن قناصري جو وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو، جنهن سبب ٻڌڻي 25 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي روشن قناصري جي وڪيل کي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو.

مک جوابدار روشن قناصري کي سپريم ڪورٽ مان ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو هو، گرفتار جوابدار جي وڪيل کي ضمانت جي درخواست تي دليل ڏيڻا هئا.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ريفرنس ۾ ڪُل 19 شاهد شامل آهن، هيل تائين ريفرنس ۾ 10 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن، جن مان 4 جوابدارن جي وڪيلن آڏي پڇا مڪمل ڪري ورتي آهي.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سنڌ ۾ ڪلچر جي واڌ ويجهه جو ڪم انهن کي سونپيو ويو هو پر انهن ڪنهن علائقي ۾ ڪم ڪيو، جوابدارن قومي ناڻي کي 4 ڪروڙ 85 لک رپين کان وڌيڪ نقصان پهچايو.