August 13, 2022

آريان جا شاهه رخ خان بابت حيران ڪندڙ انڪشاف

ممبئي(ويب ڊيسڪ) منشيات ڪيس ۾ گرفتار باليووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي پُٽ آريان خان پنهنجي والد بابت جاچ ۾ اهم ۽ حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيا آهن.

گذريل ٻن ڏينهن کان آريان خان منشيات ڪيس ۾ گرفتار آهي ۽ اڄڪلهه نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو(اين سي بي) جي تحويل ۾ آهي جتي کانئس جاچ ڪئي پئي وڃي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب آريان خان جاچ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته والد سان ملاقات جي لاءِ به ان جي سيڪريٽري کان وقت وٺڻو پوندو هو.

رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته آريان جاچ ڪندڙن کي ٻڌايو ته والد هن وقت ڪيترين ئي فلمن جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي ۽ سندس مصروفيتن جي ڪري ان جي مينيجر پوجا کان وقت وٺي ئي والد سان ملاقات ڪري سگهندو هيس.

Follow by Email
YouTube
YouTube