November 28, 2021

افغانستان مان واپس ويندڙ آمريڪي فوجي خودڪشي ڪري ڇڏي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) افغانستان مان نيڪالي کانپوءِ آمريڪا ويندڙ فوجي اهلڪار خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽن موجب آمريڪي فوجين جي خودڪشين جا واقعا گذريل مهيني پيش آيا جتي ٽن اهلڪارن خودڪشي ڪري ڇڏي.

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 16 سيپٽمبر تي 21 سالن جي اهلڪار ٽيڪساس ۾ خودڪشي ڪئي جنهن جي ٻئي ڏينهن وڌيڪ ٻن اهلڪارن ڪيليفورنيا ۽ واشنگٽن ۾ زندگي جو خاتمو آڻي ڇڏيو.

چيو ويو آهي ته اهلڪارن جون عمريون 30 سالن جي لڳ ڀڳ هيون تنهن هوندي به خودڪشيون ڪرڻ جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا.

اهو به چيو ويو آهي ته خودڪشيون ڪندڙ اهلڪار نفسياتي مسئلن جو شڪار هئا.

رپورٽن موجب خودڪشي ڪندڙن ۾ هڪ اهو به فوجي اهلڪار شامل هو جيڪو تازو ئي افغانستان مان نيڪالي ڪندڙ آخري دستن ۾ شامل هو.