November 28, 2021

بابر اعظم ڪرس گيل ۽ ويرات ڪوهلي سميت سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم سڀني کي پوئتي ڇڏيندي هڪ ٻيو عالمي اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.

نوجوان بيٽسمين بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ تيز ترين 7 هزار رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمين بڻجي ويو آهي، اهڙو ڪارنامو هن راولپنڊي ۾ جاري نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ دوران انجام ڏنو.

بابر اعظم 7 هزار رنسون 187 اننگز ۾ مڪمل ڪيون، جڏهن ته اڳ ۾ اهو رڪارڊ ويسٽ انڊيز جي ڪرس گيل وٽ هو، جنهن 192 اننگز ۾ 7 هزار رنسون ٺاهيون هيون.

تيز ترين 7 هزار ٽي ٽوئنٽي رنسن جي فهرست ۾ ڀارت جو ويرات ڪوهلي ٽئين، آسٽريليا جا ايرون فنچ ۽ ڊيوڊ وارنر ترتيت وار چوٿين ۽ پنجين نمبر تي آهن.

بابر اعظم ان کان اڳ تيز ترين 6 هزار رنسون ٺاهيندڙ ايشين بيٽسمين پڻ رهي چڪو آهي، جڏهن ته هن تيز ترين 2 هزار ٽي ٽوئنٽي رنسن جو رڪارڊ به پنهنجي نالي ڪيو هو، ان رڪارڊ لاءِ هن ڀارت جي ويرات ڪوهلي کي 4 اننگز تان پوئتي ڇڏيو هو.