November 28, 2021

بينڪ مينيجر ساٿي ملازمه کي جنسي هوس جو نشانو بڻائي ڇڏيو

بهاول نگر (ويب ڊيسڪ) بينڪ جي مينيجر ساٿي ملازما کي زيادتي جو نشانو بڻائي ڇڏيو.

فريادڻ ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ته جوابدار ڪاغذ چيڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجي گھر گھرايو، جتي هن هٿيار جي زور تي زبردستي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو.

پوليس جوابدار خلاف عورت بينڪ ملازما جي فرياد تي جنسي جو ڪيس داخل ڪري ورتو جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.

پوليس موجب جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو.