October 26, 2021

دبئي حڪومت جي دريادلي، ٽيڪسي ڊرائيورن لاءِ انعامن جو مِينهن

ابوذهبي(ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن جي ايمانداري تي حڪومت طرفان انهن کي انعامن سان نوازيو ويو آهي.

رپورٽن موجب مختلف وقتن ۾ سفر دوران مسافر پنهنجو سامان ٽيڪسين ۾ وساري ويا هئا جنهن جي گڏيل ماليت 3 ڪروڙ 28 لک پاڪستاني رپين کان مٿي آهي.

ٽيڪسي ڊرائيورن سڄو سامان پنهنجي مالڪن کي واپس ڪري ڇڏيو هو جنهن تي دبئي حڪومت 49 ايماندار ڊرائيورن کي انعامن ۽ سرٽيفڪيٽن سان نوازيو آهي.