October 26, 2021

ربيع سيزن ۾ سنڌ ۽ پنجاب پاڻي جي 28 سيڪڙو کوٽ کي منهن ڏيندا : ارسا

1 min read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انڊس ريور سسٽم (ارسا) ايڊوائيزري ڪميٽي جي اجلاس ۾ ربيع سيزن ۾ پنجاب ۽ سنڌ جو پاڻي وڌيڪ گھٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ارسا جي چيئرمين سيف انجم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته ربيع سيزن ۾ پنجاب ۽ سنڌ کي 28 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو.

اجلاس ۾ پنجاب کي 14.361 ملين ايڪڙ فٽ (ايم اي ايف)، سنڌ کي 10.827 ايم اي ايف، خيبرپختونخواهه کي 0.701 ايم اي ايف ۽ بلوچستان کي 1.022 ايم اي ايف پاڻي مختص ڪيو ويو آهي. جڏهن ته بلوچستان طرفان 1.026 ايم اي ايف واڌو پاڻي جي گھرج تي ورڪنگ پيپر ارسا جي ايندڙ ميٽنگ ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اجلاس ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ربيع سيزن ۾ 26.911 ايم اي ايف پاڻي صوبن لاءِ موجود هوندو. ربيع سيزن 2021-2022 لاءِ پاڻي جي آمد جو ڪاٿو 21.592 ايم اي ايف آهي ۽ هلندڙ سال ربيع لاءِ پاڻي جو زخيرو 7.414 ايم اي ايف آهي. ربيع سيزن لاءِ فصل جي چرپر جي نقصانن جو ڪاٿو 2.044 ايم اي ايف آهي.