October 26, 2021

عدالت جو وڏو حڪم، گم ٿيلن جي وارثن جو خرچ سرڪار حوالي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيلن جي عدم بازيابي تي حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ جي روبرو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي ۽ عدالت گم ٿيلن جي عدم بازيابي تي حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته جنهن گهر جا سربراهه 7 سال ۽ 8 سالن کان گم هجن ته ان گهر جي ڪهڙي حالت هوندي، پنهنجي من پسندن کي ته ملازمتون فراهم ڪيو ٿا، ڪجهه الله جي بندن لاءِ به ڪيو، گم ٿيل شخص جي گهرواري، ڌيءَ يا پٽ کي ئي سرڪاري ملازم ڏيو.

جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏنا ته گم ٿيلن کي بازياب ڪرائڻ رياست جي ذميواري آهي، گم ٿيل شهري ڪنهن ڪيس ۾ گهربل نه هئا ته انهن جي خاندان جو گهر ڪير هلائيندو؟

رينجرز جي وڪيل حبيب احمد ايڊووڪيٽ چيو ته عدالت گم ٿيل ماڻهن کي معاوضو ڏيڻ جي لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏئي، هر گم ٿيل ماڻهو جو ڪيس هڪ جهڙو ناهي هوندو.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته اسان گم ٿيل ماڻهن جي گهروارن کي ڪميٽين جي رحم ڪرم تي نٿا ڇڏي سگهون، سرڪار پنهنجي چوائس تي روز سوين ماڻهن کي ملازمتون فراهم ڪري ٿي، من پسندن کي ته نوڪريون ڏيو ٿا ڪجهه الله جي بندن لاءِ به ڪيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهري عادل خان، محمد علي ۽ محمد نعيم جي بازيابي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، گڏوگڏ گم ٿيل شهرين جي وارثن جو خرچ سرڪار حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي مڪينزم ٺاهڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي طلب ڪري ورتو.

عدالت سوشل ويلفيئر سيڪريٽري، زڪوات سيڪريٽري، وومين ڊولپمينٽ سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر بيت المال کي 7 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو.