October 26, 2021

هر جيالي جو جيل وڃڻ ضروري آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪوٽلي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان آمرن جو مقابلو ڪيو، هي هٿ ٺوڪيو عمران خان ڪهڙي شئي آهي.

ايل اي ڪوٽلي 05 جي ضمني چونڊ جي سلسلي ۾ جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام ڌانڌلي جو مقابلو ڪيو آهي، پ پ جا جيالا آخري جنگ لاءِ تيار آهن، اسان عمران خان جي هٿ ٺوڪي حڪومت جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، اسان ته آمرن ۽ ظالمن جو مقابلو ڪيو هي هٿ ٺوڪيو ڪهڙي شئي آهي.

هن چيو ته وفاق ۽ پنجاب جيان ڪشمير ۾ به هٿ ٺوڪي حڪومت آهي، موجوده حڪومت عوام ۽ غريب جي دشمن آهي، ڪٿي آهن عمران خان جون هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر؟ 10 آڪٽوبر تي آزاد ڪشمير ۾ عوام تيز تي ٺپو هڻي ان نااهل کان حساب وٺي.

سندس چوڻ هو عمران خان واعدا ڪيا ته سائي پاسپورٽ جي عزت ڪرائينداسين، ٻاهريان ماڻهو پاڪستان اچي نوڪريون ڪندا، حقيقت ۾ حڪومت پنهنجو ڪو واعدو پورو ناهي ڪيو.

پ پ چيئرمين چيو ته هر جيالي لاءِ جيل وڃڻ ضروري آهي، اتي سندن ٽريننگ ٿيندي آهي، جيڪڏهن شفاف چونڊون ڪرايون وڃن ته پ پ جي حڪومت اچي ويندي ۽ ايندڙ وزيراعظم جيالو هوندو.

بلاول ڀٽو زرداري موجب هٿ ٺوڪي حڪومت سازشن ۾ مصروف آهي پر عوام تيز تي ٺپو هڻي پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪري اهو واضح ڪري ته ڪشمير ڪالهه به پ پ جو هو ۽ اڄ به پ پ جو آهي.