November 28, 2021

پي سي بي چيئرمين ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ بزنس ڪميونٽي کان مدد گهري ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته اسان جي ڪرڪيٽ جي معيشت سٺي هجي ۽ ٽيم نمبر ون هجي ته ٽيمون هتان واپس نه وينديون.

رميز راجا پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو دورو ڪيو ۽ اتي روايتي گهنٽي وڄائي ڏينهن جي ٽريڊنگ جي شروعات ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي رميز راجا چيو ته اسٽيڊيمز ۽ ڪرڪيٽ جي اسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، چاهيون ٿا بزنس ڪميونٽي اسان کي ٻڌائي ته ڪيئن مٿي وڃي سگهون ٿا.

هن چيو ته اسان کي ڪرڪيٽ جي معيشت کي ترقي ڏيڻي آهي، هن وقت اسان جي ڪرڪيٽ آءِ سي سي جي فنڊنگ تي هلي رهي آهي ۽ اسان جي مقامي سيڙپڪارن جي حصيداري گهٽ آهي، تنهن ڪري ملڪي ڪرڪيٽ آءِ سي سي تي ڀاڙي ٿي.

سندس چوڻ هو چاهيان ٿو ته توهان ڪرڪيٽ جي معيشت وڌائڻ ۾ حصو وٺو، اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ سيڙپڪاري سان ڪرڪيٽ گهڻي اڳتي نڪري وئي آهي، نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جون ٽيمون موٽڻ سان ٻه سبق سکيا آهن، جيڪڏهن توهان جي ٽيم نمبر ون هجي ته ٽيمون واپس نه وينديون، جيڪڏهن ڪرڪيٽ جي معيشت سٺي هجي ته به ٽيمون نه موٽنديون.

رميز راجا چيو ته ورلڊ ڪپ جي تياري جاري آهي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته بهترين ٽيم ميدان ۾ لاهيون، پچن ۽ گراس روٽ ڪرڪيٽ جو حال خراب آهي، آهستي آهستي شيون بهتر ٿينديون، جيستائين مان آهيان رڳو ڪرڪيٽ تي ڳالهه ٿيندي.