August 9, 2022

پ پ جي کليل ڪچهري دوران جيالا پاڻ ۾ وڙهي پيا، لتن ۽ مُڪن جو وسڪارو

سجاول (ويب ڊيسڪ) سجاول ۾ پ پ اڳواڻن جي ڪچهري دوران جيالا پاڻ ۾ وڙهي ويا ۽ لتون ۽ ٺونشا لڳڻ سبب ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته اڳواڻن مسئلا ٻڌڻ بنا ڀڄي جان ڇڏائي.

وڏي وزير جي هدايتن تي سجاول جي عوامي مسئلن جي حل لاءِ صوبائي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو ۽ خاص مددگار لياقت آسڪاڻي پاران انڊس هال سجاول ۾ ڪچهري ڪوٺائي وئي.

ان موقعي تي پ پ ڪارڪنن طرفان هڪٻئي تي الزامن دوران جهيڙو ٿي پيو، جيالن هڪٻئي تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن سبب ڪيترائي ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا.

جهيڙي دوران جيالن هڪٻئي تي ڪرسيون اڇلائي کليل ڪچهري کي مڇي مارڪيٽ بڻائي ڇڏيو، جنهن سبب پ پ اڳواڻ عوام جا مسئلا ٻڌڻ بنا کِسڪي ويا.

Follow by Email
YouTube
YouTube