November 28, 2021

ڀَت تي وڙهي جيالن پٽوارين کي به شڪست ڏئي ڇڏي: حليم عادل شيخ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻن جي کليل ڪچهري دوران جيالن جي جهيڙي تي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته بلاول ڪشمير ۾ جنهن پارٽي جا ڳڻ ڳائي رهيو آهي، ان جي حيثيت رڳو برياني آهي.

حليم عادل شيخ پنهنجي بيان ۾ چيو ته برياني تي معاملي تي وڙهي جيالن پٽوارين کي به شڪست ڏئي ڇڏي، جيالا صبر رکن، اهي وفاق جي لنگر خانن ۾ مفت بريائي کائي سگهن ٿا.

هن چيو ته بلاول جا ڪرپٽ وزير سڄي سنڌ ۾ سخت عوامي ردعمل کي منهن ڏئي رهيا آهن، بلاول صاحب! هاڻ سنڌ جي عوام کي ڀٽو يا بي بي جي چورن کپائڻ بند ڪيو.

سندس چوڻ هو ته سنڌ جي کليل ڪچهري ۾ عوام وزيرن کان ڪرپشن جو جواب گهري رهيو آهي، سنڌ کي لٽيندڙن جو هاڻ هر جاءِ تي گهيرو ٿيندو، سنڌ سان زيادتيون ڪندڙ هر هڌان ڀڄي جان ڇڏائي رهيا آهن، سنڌ جي عوام جو شعور پ پ جي خاتمي جو سبب بڻجي رهيو آهي.

واضح رهي ته سجاول ۾ پ پ اڳواڻن جي ڪچهري دوران جيالا پاڻ ۾ وڙهي ويا ۽ لتون ۽ ٺونشا لڳڻ سبب ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته اڳواڻن مسئلا ٻڌڻ بنا ڀڄي جان ڇڏائي.