October 26, 2021

آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ايٽمي وار هيڊز جي انگ جو اعلان ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا گذريل چئن ورهين ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي جوهري هٿيارن جي مجموعي انگ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب گذريل سال 30 سيپٽمبر تائين واشنگٽن وٽ 30 هزار 750 جوهري هٿيار موجود هئا، اهو انگ سيپٽمبر 2017 جي ڀيٽ ۾ آمريڪي نيوڪليئر وار هيڊز جي انگ ۾ چڱي گهٽتائي جي نشاندهي ڪري ٿو.

آمريڪا وٽ جوهري هٿيارن جو مجموعي انگ 2003 تائين 10 هزارن کان وڌيڪ هوندو هوندو هو.

1967 ۾ جڏهن سرد جنگ عروج تي هئي، آمريڪا وٽ 30 هزار کان وڌيڪ جوهري وار هيڊز هوندا هئا.

اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهڙن انگن اکرن کي عسڪري راز قرار ڏنو هو، هوڏانهن موجوده صدر جو بائيڊن جي حڪومت روس سان هٿيار گهٽ ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ۾ سولائي لاءِ شفافيت کي ترجيح ڏئي ٿي.