November 28, 2021

ايندڙ وقت ۾ انسانن لاءِ پاڻي اڻلڀ ٿي ويندو: عالمي اداري خبردار ڪري ڇڏيو

1 min read

جنيوا (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ايندڙ وقت ۾ انسانن کي پاڻي کوٽ جي حوالي سان خبردار ڪري ڇڏيو.

زمين تي جيترو به پاڻي آهي، ان مان رڳو 0.5 سيڪڙو پاڻي ئي اهڙو آهي، جنهن کي انساني آبادي استعمال ڪري سگهي ٿي ۽ جنهن کي پيئڻ جي لائق تازو پاڻي چيو ويندو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه اها ته گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته 2050 ۾ دنيا جا 5 ارب کان وڌيڪ انسان پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ باقاعدي جدوجهد تي مجبور ٿي سگهن ٿا.

ان اداري عالمي اڳواڻن کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي تدارڪ لاءِ هاڻ کان ئي ڪوششون ڪن.

گڏيل قومن طرفان اهو مطالبو زمين تي ماحولياتي تبديلين جي اثرن جي موضوع تي ان عالمي اداري جي COP26 نالي ان سربراهي ڪانفرنس کان اڳ ڪيو ويو آهي، جيڪا برطانيا جي شهر گلاسڪو ۾ 31 آڪٽوبر تي شروع ٿي 12 نومبر تائين جاري رهندي.

گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي جي اداري ورلڊ ميٽيورولوجيڪل آرگنائيزيشن (ڊبليو ايم او) جي فن لينڊ سان واسطو رکندڙ سربراهه پيٽيري تالاس جنيوا ۾ ٻڌايو ته عالمي آبادي لاءِ پاڻي تائين پهچ اڳ ئي هڪ مسئلو آهي، جيڪو شدت اختيار ڪندو پيو وڃي، 2018 ۾ دنيا ۾ 3.6 ارب انسان هئا، جيڪي هر سال گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهيني تائين پاڻي تائين مناسب ۽ ڪافي پهچ کان محروم رهندا هئا.

هن عالمي موسمياتي اداري جي سال 2021 لاءِ پاڻي بابت نئين رپورٽ جا تفصيل جاري ڪندي چيو ته گذريل 20 سالن دوران زمين تي، ان جي سطح کان ڪجهه هيٺ، تمام گهڻي اونهائيءَ ۾ ۽ برف يا گليشيئرز جي صورت ۾، پاڻي جي سطح ۾ هڪ سينٽي ميٽر سالياني شرح سان گهٽتائي ٿي آهي.

گڏيل قومن جي ان اداري موجب تمام گهڻو خدشو آهي ته زمين تي انساني آبادي مان 5 ارب کان وڌيڪ انسانن تائين 2050 تائين پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ مجبورن ائين ئي جدوجهد ڪرڻي پئجي سگهي ٿي، جنهن کان بچڻ ممڪن نه ٿي سگهي.