November 28, 2021

”شهباز شريف ۾ ٿورو به شرم آهي ته پاڻ ئي اپوزيشن ليڊر جو عهدو ڇڏي ڏئي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نيب چيئرمين جي مقرريءَ جي معاملي تي وزيراعظم اپوزيشن ليڊر سان نه ڳالهائيندو، جيڪڏهن اپوزيشن کي ڪا ترميم ڏيڻي آهي ته ڏئي ڇڏي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته پرائيويٽ بزنس کي نيب جي اختيارن جي دائري مان ڪڍيو ويو آهي، بئنڪ بابت ڪيس به نيب جي اختيارن جي دائري مان ڪڍيا ويا آهن.

هن چيو ته عدالتن جو انگ وڌائي انهن کي مضبوط بڻايو پيو وڃي، آرڊيننس سان نيب قانون ۾ ترميم ايڪٽ ذريعي به ڪري رهيا آهيون، اپوزيشن کان به ان معاملي تي تجويزون گهريون آهن.

سندس چوڻ هو ته نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ وزيراعظم اپوزيشن ليڊر سان مشاورت نه ڪندو، مشاورت لاءِ اپوزيشن ڪو ٻيو ليڊر آهي، بيهوده ڳالهه آهي ته چور کان مقرري جو پڇجي، چورن کان پڇي ٿاڻيدار نٿا لڳائي سگهون، شهباز شريف ۾ ٿورو به شرم آهي ته پاڻ ئي اپوزيشن ليڊر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.