November 28, 2021

عمر شريف جو سونهري دور پڄاڻي تي پهتو: فرحان سعيد

گلوڪار ۽ اداڪار فرحان سعيد عمر شريف جي تدفين کانپوءِ جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته عمر شريف جو عهد پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.

هن لکيو ته ”پاڪستان جي ڪاميڊي ڪنگ جو سونهري دور پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، عمر شريف جي لاءِ تمام گهڻيون دعائون“

گلوڪار اهو به لکيو ته عمر شريف جو ليجنڊري ڪيريئر اسان جي لاءِ سدائين متاثر ڪندڙ هوندو.

انکان اڳ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هن عمر شريف سان گڏ هڪ يادگار تصوير به شيئر ڪئي هئي.