October 26, 2021

مبينا نازيبا ويڊيوز: محمد زبير، مفتي قوي ۽ نيب چيئرمين خلاف درخواست تي وڏو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير جي مبينا نازيبا ويڊيو وائرل معاملي تي داخل درخواست تي عدالت ايف آءِ اي، ايس پي ڪمپلين سيل، ايس ايڇ او سٽي ڪورٽ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير جي مبينا طور نازيبا ويڊيو وائرل ٿيڻ جي معاملي تي سيشن عدالت ڏکڻ ۾ ايڊووڪيٽ اعجاز جتوئي، مظهر علي شيخ ۽ اسرار ابڙي طرفان درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

درخواست ۾ وڪيلن اڳوڻي گورنر محمد زبير، نيب چيئرمين ۽ مفتي قوي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ٽنهي خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ ڪئي وڃي، ٽنهي جون نازيبا ويڊيوز وائرل ٿيون هيون.

درخواستگذار موجب ايف آءِ اي کي ويڊيوز جي جاچ جو حڪم ڏنو وڃي، ڪٿان اهي ويڊيوز اپ لوڊ ڪيون ويون ۽ ڪنهن کي بليڪ ميل ڪيو ويو؟ نيب چيئرمين، مفتي قوي ۽ محمد زبير جي ويڊيوز جي جاچ ڪري حقيقتون سامهون آنديون وڃن.

سيشن عدالت ڏکڻ ٽنهي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي ايف آءِ اي، ايس پي ڪمپلين سيل، ايس ايڇ او سٽي ڪورٽ کي نوٽيس جاري ڇڏيا ۽ عدالت 9 آڪٽوبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.