October 26, 2021

ميڪ اپ کان بنا اداڪارائون ڪيئن لڳنديون آهن؟

اداڪارائون پاڪستان جون هجن، هندستان جون هجن يا هالي ووڊ جون حسينائون هجن، وڏي عرصي کان اهي مختلف تقريبن يا شوز ۾ بهترين ميڪ اپ سان گڏ اعليٰ لباس ۾ اهي پنهنجي مداحن کي دنگ ڪري ڇڏينديون آهن.

عام طور تي اهڙو ڪمال پروفيشنل ميڪ اپ آرٽسٽ ئي ڏيکاريندا آهن جيڪي انهن ناليواري عورتن جي حسن ۾ واڌ ڪري پاڻ به مشهور ٿيندا آهن.

پر ڇا توهان ڪڏهن بنا ميڪ اپ جي انهن مشهور سيليبرٽيز جي چهرن کي ڪڏهن ڏٺو آهي؟ جيڪڏهن نه ته هيٺ ڏسو ۽ ٻڌايو ته اهي اسڪرين تي نظر ايندڙ چهرن کان ڪيترو مختلف آهن.

ماهرا خان

انسٹاگرام فوٹوز

پاڪستان توڙي هندستان ۾ ماهران خان جي خوبصورتي جي ڪري مقبوليت هڪ جيتري آهي ۽ هي ٻئي تصويرون ان جي انسٽاگرام تان کنيل آهن جن ۾ فرق واضح آهي.

مهوش حيات

انسٹاگرام فوٹوز

فلم هجي يا ٽي وي ڊراما يا وري ماڊلنگ مهوش حيات جو نالو ڪنهن به تعارف جو مهتاج ناهي جيڪو تيزي سان عروج جي رستي تي گامزن آهي.

ماورا حسين

انسٹاگرام فوٹوز

ماورا حسين به پاڪستان ۽ ڀارت ۾ وڏي مشهور اداڪارا آهي ۽ هوءَ اڪثر پنهنجي روزاني جي سرگرمين جون تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪندي آهي جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون.

صبا قمر

انسٹاگرام فوٹوز

صبا قمر جي پهرين بولي ووڊ فلم هندي ميڊيم جلد رليز ٿيڻ واري آهي، حقيقي زندگي ۽ اسڪرين جي پردي تي ان ۾ ڪهڙو فرق آهي اهو هن تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

مايا علي

انسٹاگرام فوٹوز

مايا علي هن وقت ٽي وي جي وڏي اداڪارائن مان هڪ آهي ۽ سوشل ميڊيا تي به گهڻي سرگرم رهندي آهي.

صنم بلوچ

انسٹاگرام فوٹوز

صنم بلوچ جو نالو ٽي وي ڏسندڙن جي لاءِ ته نئون ناهي جيڪا اداڪاري سان گڏ هڪ مارننگ شو جي ميزبان به آهي ۽ سدائين سادي لباس ۾ ئي نظر ايندي آهي.

عائزا خان

انسٹاگرام فوٹوز

پياري افضل سميت ڪيترن ئي سپرهٽ ڊرامن ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ عائزا خان شادي کان گهڻو وقت پوءِ ٻيهر شوبز جي دنيا ۾ سرگرم ٿي آهي ان جي پردي ۽ حقيقي زندگي جي تصويرن ۾ به فرق ڏسي سگهجي ٿو.

حمائما ملڪ

انسٹاگرام فوٹوز

پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ حمائما ملڪ جا چرچا ته سوشل ميڊيا تي اڪثر رهندا آهن جنهن ۾ فرق به توهان ڪري سگهو ٿا.

سجل علي

انسٹاگرام فوٹوز

ٽيليويزن ڊرامن کانپوءِ فلم نگري ۾ قدم رکي مشهور ٿيندڙ سجل علي هاڻي تمام جلد باليووڊ ڊيبيو به ڪرڻ واري آهي جنهن جي خوبصورتي جون واکاڻو مداح ڪندا رهندا آهن.

صنم سعيد

انسٹاگرام فوٹوز

صنم سعيد پاڪستان جي انتهائي با صلاحيت اداڪارا آهي جيڪا ٽي وي کانپوءِ هاڻي فلمن ۾ به جوهر ڏيکاري رهي آهي.

عائشا عمر

انسٹاگرام فوٹوز

ڪاميڊي ڊرامي بلبلي مان شهرت ماڻيندڙ عائشا عمر گلوڪاري جي شعبي ۾ به سرگرم آهي، ته ڇا اها حقيقي زندگي ۾ پنهنجي ڪردارن کان اها الڳ لڳي رهي آهي؟ توهان ئي اندازو لڳايو.

گال گدوت

اے ایف پی فوٹو/ گال گدوت انسٹاگرام

ونڊر ويمن جو ڪردار ادا ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيندڙ اداڪارا حقيقي زندگي ۾ ونڊر ويمن کان گهڻي مختلف آهي پر هوءَ ميڪ کان بنا پنهنجون تصويرون شيئر ڪرڻ کان ناهي گهٻرائيندي.

جينيفر لوپز

اے ایف پی فوٹو/ جینیفر لوپز انسٹاگرام

جينيفر لوپز اداڪارا، گلوڪارا، رقاصا ۽ فيشن ڊزائينر آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ماڻهو انکي سڃاڻيندا آهن، پر ميڪ کان بنا انکي سڃاڻڻ گهڻو ڏکيو ٿي سگهي ٿو.

بيونسي

انسٹا گرام فوٹوز

ناليواري آمريڪي گلوڪار بيونسي پنهنجي ڪنسرٽس ۾ به گهڻي ميڪ اپ ۾ نظر ايندي آهي ۽ ميڪ اپ کان بنا سندس شخصيت گهڻي مختلف نظر ايندي آهي.

جي جي حديد

انسٹا گرام فوٹوز

سپر ماڊل جي زندگي به وڏي گليمرس هوندي آهي ڀلي اها رنوي تي هجي يا نه، پر جي جي حديد ميڪ کان بنا به ڪو خاص مختلف نظر ناهي ايندي.

ليڊي گاگا

اے ایف پی فوٹو/ لیڈی گاگا انسٹاگرام

حقيقي زندگي ۽ پردي اسڪرين تي هيءَ گلوڪارا ڪيتري مختلف آهي، انجو اندازو توهان هن تصويرن مان لڳائي سگهو ٿا.

شڪيرا

اے ایف پی فوٹو/ شکیرا انسٹاگرام

ڪجهه وقت اڳ ناليواري گلوڪارا جيڪا وڪا وڪا گرل سان به مشهور آهي ميڪ اپ جي بنا پنهنجي هڪ تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪئي هئي هن جو چوڻ هو ته ميڪ اپ سان به ان جي شخصيت تي ڪو خاص فرق ناهي پوندو.

ٽيلر سوئفٽ

انسٹا گرام فوٹوز

ٽيلر سوئفٽ هن وقت سڄي دنيا ۾ گهڻي مشهور گلوڪارا آهي ۽ ميڪ اپ جي بنا تصويرون شيئر ڪرڻ به کيس ڏاڍيون پسند آهن ان ۾ فرق پاڻ محسوس ڪري سگهو ٿا.

جيسيڪا البا

انسٹا گرام فوٹوز

اهو يقين ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته ميڪ اپ شين جي هڪ وڏي ڪمپني جي مالڪ اداڪارا پاڻ بنا ميڪ اپ جي تصويرون شيئر ڪري، پر ائين اڪثر ٿيندو رهندو آهي.

ڪيمرون ڊياز

اے ایف پی فوٹو/ کیمرون ڈیاز انسٹاگرام

هن هاليووڊ اسٽار پنهنجي مصروفيتن دوران انسٽاگرام تي پنهنجي ميڪ اپ جي بنا تصوير شيئر ڪئي جنهن کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هوءَ هاڻي پوڙهائپ ڏانهن وڌي رهي آهي.

بري لارسن

انسٹاگرام فوٹوز

ڪيپٽن مارول جي ڪردار سان تازو ئي سڄي دنيا ۾ پنهنجي مداحن ۾ وڌيڪ واڌ ڪندڙ اداڪارا ميڪ اپ ۽ ميڪ اپ جي بنا گهڻي مختلف لڳندي آهي.

ايميليا ڪلارڪ

انسٹاگرام فوٹوز

گيمز آف ٿيرونز جي اداڪارا ميڪ اپ کان بنا ڪيتري مختلف لڳندي آهي ان جو فيصلو توهان پاڻ ڪري رهيا آهيو.

عاليا ڀٽ

انسٹاگرام فوٹوز

هاڻوڪي دور ۾ تيزي سان اڀرندڙ اداڪارا عالياڀٽ بنا ميڪ اپ جي ۽ ميڪ اپ سان ڪيئن لڳي رهي آهي ان تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

پرينيتي چوپڙا

انسٹا گرام فوٹوز

پرينيتي چوپڙا اصل ۽ اسڪرين جي زندگي ۾ ڪجهه گهڻو مختلف ناهي لڳندي، جنهن ثبوت هي تصويرون آهن.

دپيڪا پڊوڪون

فیس بک فوٹوز

هن وقت باليووڊ جي سرفهرست اداڪارائن جو ذڪر ڪجي ته دپيڪا پڊوڪون جو نالو ان ۾ ضرور شامل هوندو، جيڪا هاڻي هاليووڊ ۾ به پنهنجا پير ڄمائي رهي آهي.

شرڌا ڪپور

انسٹا گرام فوٹوز

شڪتي ڪپور جي ڌيءَ شرڌا وڏي تيزي سان پنهنجو نالو باليووڊ ۾ روشن ڪري رهي آهي ان جون ميڪ اپ ۽ ميڪ اپ بنا تصويرون ڏسي توهان کي ڇا ٿو لڳي؟

انوشڪا شرما

انسٹاگرام فوٹوز

انوشڪا شرما کي به ڀلا ڪير نه سڃاڻندو هوندو؟ ان به انسٽاگرام تي پنهنجون ميڪ اپ ۽ ميڪ اپ جي بنا تصويرون شيئر ڪيون آهن جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون.

ڪرينا ڪپور

انسٹاگرام فوٹوز

ڪرينا ڪپور جو نالو ته ڪنهن تعارف جو محتاج ئي ناهي، پر لڳي ٿو ته اصل زندگي ۽ اسڪري واري پردي تي محترما جي رنگ روپ ۾ وڏو فرق آهي.

ڪترينا ڪيف

فیس بک فوٹوز

بولي ووڊ جي باربي ڊول ميڪ اپ ۾ ۽ ميڪ اپ جي بنا وڏي فرق واري لڳندي آهي، يقين نٿو اچيوَ ته هيٺيون تصويرون ڏسي وٺو.

ايشوريا راءِ

انسٹاگرام فوٹوز

اڳوڻي حسن جي راڻي ايشوريا راءِ جون به ميڪ اپ ۽ بنا ميڪ جي تصويرون اينديون رهنديون آهن توهان راءِ ڏيو ته اڳوڻي راڻي ۾ هاڻي ڪيترو فرق آهي؟

ڪنگنا رناوت

انسٹاگرام فوٹوز

باليووڊ ڪوئي سان مشهور ڪنگنا رناوت کي به بنا ميڪ اپ جي ڪيترن ئي ماڻهن کي سڃاڻڻ لاءِ سولو ڪم نه هوندو، توهان به اندازو لڳائي سگهو ٿا.

سوناڪشي سنها

انسٹاگرام فوٹوز

سوناڪشي سنها دبنگ فلم مان شهرت حاصل ڪئي ۽ هاڻي گهڻي مصروف رهندڙ اداڪارا آهي، ڇا توهان جي خيال ۾ ميڪ جي بنا هوءِ پردي اسڪرين کان مختلف نظر اچي ٿي؟

سونم ڪپور

انسٹاگرام فوٹوز

انيل ڪپور جي ڌيءَ سونم ڪپور مختلف طرز جا ڪردار ادا ڪري چڪي آهي ۽ شهرت ماڻڻ ۾ ڪامياب به ٿي آهي، پر ڇا توهان کي لڳي ٿو ته انکي بنا ميڪ اپ جي سڃاڻي سگهجي ٿو؟