October 25, 2021

نئين مردم شماري جي منظوري، ڊيئر اپوزيشن ٻيو ڪو ڪم اسان لاءِ: حليم عادل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ وفاقي حڪومت طرفان نئين مردم شماري جي منظوري کانپوءِ اپوزيشن کي طنزيا انداز ۾ چيو آهي ته ڊيئر اپوزيشن ٻيو ڪو ڪم اسان لاءِ؟

پنهنجي بيان ۾ حليم عادل شيخ چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي سان نئين مردم شماري جو فيصلو سٺو سنئوڻ آهي، مردم شماري سان چونڊ مسئلن ۽ وسيلن جي ورهاست جي شفافيت يقيني ٿيندي.

هن چيو ته تنقيد ڪندڙ ملڪ جي سماجي ۽ معاشي رٿابندي جي خلاف آهن، اپوزيشن جو ڪم ملڪي مفادن بدران ذاتي مفادن سان جڙيل آهي.

سندس چوڻ هو ته اپوزيشن هر معاملي تي اسان نه مڃينداسين جي ضد تي بيٺل آهي، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان مخالفن ۽ سازشي ٽولي جا دڪان بند ٿي ويندا، جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان مردم شماري حڪومتي منصوبابندي لاءِ وڌيڪ آسان عمل هوندو.

حليم عادل شيخ چيو ته تحريڪ انصاف ملڪ ۾ شفاف مردم شماري سان گڏ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ضامن آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا ايندڙ عام چونڊون نئين مردم شماري تحت ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ مجموعي طور ميمبرن مردم شماري جي سفارشن جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم ميمبرن مطالبو ڪيو ته مردم شماري لاءِ فيڪٽو طريقي ڪار اختيار ڪيو وڃي.