October 26, 2021

نئين نيب آرڊيننس تي قانون واري وزارت ۽ اٽارني جنرل آفيس ۾ اختلاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نئين نيب آرڊيننس تي قانون واري وزارت ۽ اٽارني جنرل آفيس ۾ پئسي تي ضمانت جي شق تي اختلاف سامهون اچي ويا.

حڪومتي ذريعن موجب اٽارني جنرل آفيس جي راءِ هئي ته پئسي تي ضمانت جي رقم مقرر ڪرڻ عدالت جو اختيار هجڻ گهرجي، اٽارني جنرل آفيس راءِ ڏني ته آرڊيننس چئلينج ٿيو ته اها شق برقرار نه رهي سگهندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ان معاملي تي قانون واري وزارت جي راءِ هئي ته جيتري رقم جو ڪيس آهي، ايتري رقم ئي ضمانت جو پئسو هوندي، قانون واري وزارت اٽارني جنرل آفيس جي راءِ کي نظرانداز ڪري آرڊيننس ۾ شق شامل ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته صدر عارف علوي نيب ترميمي آرڊيننس 2021 جاري ڪري ڇڏيو آهي.