October 26, 2021

”ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان خلاف ميچ جو ڪو پريشر ناهي“

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گيري اسٽيڊ چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان خلاف پهرين ميچ جو ڪو دٻاءُ ناهي.

ڪيوي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ دبئي پهچي چڪي آهي، جتي پنهنجي بيان ۾ ٽيم جي هيڊ ڪوچ چيو ته پاڪستان ۾ جيڪو ٿيو، اهو افسوسناڪ آهي، اسان ان کي تبديل نٿا ڪري سگهون، پاڪستان سان اسان جي رانديگرن به کيڏڻ جو موقعو وڃايو.

هن چيو ته اسان عالمي ڪپ لاءِ سٺي تياري ڪئي آهي ۽ پهرين ميچ ۾ پاڪستان جو مقابلو ڪنداسين، ان حوالي سان اسان تي ڪو پريشر ناهي.

سندس چوڻ هو ته اسان جو گروپ ٽف آهي ۽ اسان جي نظر هڪ ميچ تي آهي، 6 کان 7 ٽيمون ورلڊ ڪپ کٽڻ جي پوزيشن ۾ آهن.

واضح رهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم گذريل مهيني پاڪستان آئي هئي پر سيريز کان ڪجهه وقت اڳ ڪيويز پاڪستان جو دورو رد ڪري ڇڏيو هو.