October 26, 2021

پينڊورا ته ٻاهر جي ڳالهه آهي، لوڪل ليڪس کي ڪير پڪڙيندو؟ اويس قادر

سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ اويس قادر شاهه چيو آهي ته جن حڪومتي ماڻهن جي نالي آف شور ڪمپنيون آهن، انهن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اويس قادر شاهه چيو ته جيڪڏهن هيءَ حڪومت وڌيڪ ٻه سال رهي ته معيشت جو حشر اڃا خراب ٿي ويندو، عمران خان ڪنٽينر کان وزيراعظم آفيس تائين ايندي عوام سان ڪيل واعدا وساري ڇڏيا.

هن چيو ته ن ليگ ۽ پ پ جي اڳواڻن کانسواءِ حڪومتي اتحادين جي به جاچ ٿيڻ گهرجي، جن حڪومتي ماڻهن جا نالا آف شور ڪمپنين ۾ آهن، انهن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

هڪ سوال جي جواب ۾ اويس قادر شاهه چيو پينڊورا ليڪس ته ٻاهر جي ڳالهه آهي، لوڪل ليڪس کي ڪير پڪڙيندو؟