November 28, 2021

سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 6 فوگيون، نوان ڪيس به رپورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته صوبي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 هزار 625 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ وڌيڪ 136 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته 6 فوتگيون به ٿيون.

هن چيو ته صوبي ۾ ڪورونا وائرس سبب ٿيل فوتگين جو گڏيل انگ 7 هزار 480 ٿي چڪو آهي جڏهن ته اڄ وڌيڪ 498 مريض صحتياب ٿيا ۽ صحتياب ٿيلن جو گڏيل انگ 4 لک 32 هزار 572 ٿي چڪو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ هيل تائين 61 لک 23 هزار 428 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن ۽ 4 لک 61 هزار 424 ڪيس ظاهر ٿيا جڏهن ته هن وقت 21 هزار 372 مريض علاج هيٺ آهن.