October 26, 2021

شارڪ جو واگون تي حملو، وڊيو وائرل

ڏکڻ ڪيليفورنيا ۾ هڪ سياح واگون جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ شارڪ کي ترندي ترندي واگون تي حملو ڪري ڏئي ٿي.

سياح ڪوري ڪلونا جو چوڻ هو ته هو تفريح جي لاءِ کليل اُس ۾ هلٽن هيڊ جي علائقي ۾ واگون جي وڊيو ٺاهي رهيو هو ته ان وقت هڪ شارڪ انتي حملو ڪري ڏنو.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شارڪ ترندي واگون تي حملو ڪري ٿي ۽ ٽنگ کي چڪ هڻي ٿي ته واگون اشل ڏئي شارڪ کي پري ڌڪي ڇڏي ٿو ۽ هو زخمي نٿو ٿئي، پر اهڙي صورتحال جي باوجود شارڪ گهڻي دير تائين اتي ئي ترندي رهي ٿي.