October 26, 2021

شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جي ضمانت واري درخواست رد

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ممبئي جي عدالت شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو طرفان آريان خان جي آزادي جي سخت مخالفت ڪئي وئي.

گذريل ڏينهن عدالت آريان خان جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪئي هئي.

ڄاڻايل ڪيس ۾ شاهه رخ خان جي پٽ جو پهريون هڪ ڏينهن، پوءِ 3 ڏينهن ۽ هاڻ 14 ڏينهن جو ريمانڊ منظور ڪيو ويو هو.

ممبئي جي مقامي عدالت ان ڪيس ۾ اين سي بي طرفان داخل ڪيل آريان خان جي وڌيڪ تحويل حاصل ڪرڻ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو هو.

منشيات جي خاتمي واري ڀارتي اداري نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) طرفان ڪجهه ڏينهن اقل ڪروز شپ تي هڪ پارٽي دوران ڇاپو هنيو ويو هو.

ڇاپي دوران شاهه رخ خان جي پٽ کي به گرفتار ڪيو ويو هو، آريان خان تي منشيات جي استعمال جو الزام آهي، جاچ دوران آريان خان منشيات جي استعمال جو اعتراف به ڪيو هو.