October 26, 2021

صوبو ٺاهڻ رڳو ايم ڪيو ايم جو نه پر عوام جو آواز آهي: وسيم اختر

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ ڪراچي جي اڳوڻي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت 1970ع کان ماڻهن جو استحصال ڪري رهي آهي.

حيدرآباد جي زونل آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته سنڌ حڪومت هر محڪمو تباهه ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت 1970ع کان ماڻهن جو استحصال ڪري رهي آهي.

هن چيو ته ڪراچي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏئي ٿو پر ٽيڪس کي ورهايو وڃي ٿو، هاڻ صوبو ٺاهڻ رڳو ايم ڪيو ايم جو نه پر عوام جو آواز آهي، عوام تنگ ٿي هاڻ صوبي جو ئي نعرو لڳائي رهيو آهي، سنڌي ڀائر به اهو ئي مشورو ڏئي رهيا آهن ته صوبو ٺهڻ گھرجي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته وفاقي حڪومت به اوهڙيءَ طرح ري ايڪٽ ناهي ڪري رهي جيڪو ڪراچي جو حق آهي، وزيراعظم پنهنجو آئيني حق استعمال ڪري هاڻ گھڻو ٿيو، ارڙهين ترميم جو مقصد اهو ناهي ته رياست اندر رياست ٺاهي وڃي.

وسيم اختر چيو ته لاڙڪاڻي ۾ سڀ کان وڌيڪ ايڇ آءِ وي جا مريض آهن، رڳو ڊونيشن تي هلندڙ اين آءِِ سي وي ڊي جا گڻ ڳائي رهيا آهيو، 1970ع کان اوهان حڪومت ڪري رهيا آهيون ان کان وڌيڪ بيڊ گورننس ٻي ڪهڙي هوندي.

هن وڌيڪ چيو ته استادن جي امتحان ۾ 99 سيڪڙو اميدوار فيل ٿيا، ڪڻڪ پنجاب ۾ سستي ۽ سنڌ ۾ مهانگي آهي، سنڌ حڪومت پنهنجو قبلو درست ڪري.