November 28, 2021

نئين نيب آرڊيننس کي حتمي قانوني حيثيت حاصل ٿي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نئين نيب آرڊيننس کي حمتي قانون جي حيثيت حاصل ٿي وئي، جنهن تحت موجود نيب چيئرمين نئين نيب چيئرمين جي مقرريءَتائين ڪم جاري رکي سگھندو.

نيب آرڊيننس گزٽ آف پاڪستان ۾ شامل ٿي ويو، گزٽ نوٽيفڪيشن کان پوءِ نيئن آرڊيننس کي حتمي قانون جي حيثيت حاصل ٿي وئي آهي.

جنهن تحت موجوده نيب چيئرمين نئين نيب چيئرمين جي مقرريءَ تائين ڪم جاري رکي سگھندو، گزٽ نوٽيفڪيشن جي نتيجي ۾ نيب آرڊيننس باظابطا طور تي لاڳو ٿي ويو آهي.

نيب آرڊيننس کي 6 آڪٽوبر کان جاري ڪيو ويو هو پر اپوزيشن نيب آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو آهي.