October 26, 2021

نيب کي ختم ڪرڻ جو ڪڏهن به نه هو، آرڊيننس ۽ طريقا غيرقانوني آهن: قمر زمان ڪائرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته اسان جي ڪڏهن به نيب کي ختم ڪرڻ جو مطالبو نه هو.

خانگي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته اسان کي نيب جي چيئرمين بابت ان آرڊيننس ۽ طريقيڪار تي اعتراض آهن.

هن چيو ته آرڊيننس جي ذريعي قانون ۾ ترميم ڪرڻ تي اعتراض آهي، اسان ان آرڊيننس کي غير قانوني سمجهون ٿا.

قمر زمان ڪائرا وڌيڪ چيو ته هڪڙي ماڻهو جي لاءِ قانونسازي غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، اپوزيشن چوندي هئي ته نيب جو قانون ڪارو هو، جيڪڏهن قانون ڪارو نه هجي ها ته ترميمون ڇو آڻجن ها؟

پي پي اڳواڻ اهو به چيو ته حڪومت عوام سان ڪيل واعدن کان به ڦري وئي، وزير چئي رهيا آهن ته انهن هڪ ڪروڙو نوڪريون ڏئي ڇڏيون آهن.