October 26, 2021

ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ تبديلين تي چيف سليڪٽر جو رد عمل اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ورلڊ ٽي ٽوئنٽي لاءِ پاڪستان جي شروعاتي اسڪواڊ ۾ اڄ 3 تبديليون ڪيون ويون آهن ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين اعظم خان ۽ فاسٽ بالر محمد حسنين کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر محمد وسيم جو بيان به سامهون اچي ويو آهي.

محمد وسيم چيو ته رانديگرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ بعد تبديلين جو فيصلو ڪيو، ٽيم مئنيجمينٽ جي صلاح مشوري سان اسڪواڊ ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون.

چيف سليڪٽر چيو ته اعظم خان ۽ محمد حسنين جي جاءِ تي حيدرعلي ۽ سرفراز احمد کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو جڏهن ته فخر زمان کي ريزرو رانديگرن جي فهرست مان ڪڍي 15 رڪني اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو. ريزرو رانديگرن ۾ فخر زمان جي جاءِ تي شاهنواز ڏهاڻي کي شامل ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته ٽنهي رانديگر جي شموليت سان قومي اسڪواڊ کي وڌيڪ توازن ملندو، اعظم خان، محمد حسنين ۽ خوشدل شاهه جي مايوسي جو اندازو آهي، خوشدل شاهه کي فخر زمان جي جاءِ تي ريزرو رانديگرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.