November 28, 2021

ڀولڙي کان ڪپڙا ڪير ڌوئاريندو؟

چمبينزي (ڀولڙي) کي سڀ کان عقلمند جانور سمجهيو ويندو آهي، انسان جي مشابهت سان گڏوگڏ اهو جانور انسان جهڙيون حرڪتون به ڪندو آهي.

سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هڪ چمپينزي کي بلڪل انسانن وانگر ڪپڙا ڌوئيندي ڏسي سگهجي ٿو.

وڊيو ۾چمپينزي ديسي اسٽائل ۾ ڪپڙا ڌوئي رهيو آهي، هو پهريون صابڻ کي ٽي شرٽ تي لڳائي ٿو ۽ پوءِ ان کي مهٽڻ شروع ڪري ڏئي ٿو.

اها وڊيو سچن شرما نالي شخص پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪئي جڏهن ته اها خبر ناهي پئجي سگهي ته اها وڊيو ڪڏهن ۽ ڪهڙي جاءِ تي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

ان وڊيو کي هن وقت تائين 3 هزار کان مٿي ماڻهو ڏسي چڪا آهن ۽ حيراني جو اظهار ڪري رهيا آهن.