October 26, 2021

ڄام ڪمال جي حڪومت خطرو، مدد گهرڻ لاءِ نڪري پيو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان اڄ جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري سان ملاقات ڪئي، ڄام ڪمال پنهنجي حڪومت بچائڻ جي لاءِ جي يو آءِ کان مدد گهري ورتي آهي.

ذريعن موجب مولانا عبدالغفور حيدري کيس جواب ڏنو آهي ته پاڻي مٿي کان چڙهي ويو آهي.

ملاقات کانپوءِ مولانا عبدالغفور حيدري لاهور جي لاءِ روانو ٿي ويو.

واضح رهي ته ان کان اڳ ڄام ڪمال خان چيو هو ته جدوجهد جاري رکنداسين، 12 ماڻهن جي چوڻ تي استعيفيٰ نه ڏيندس، اڪثريت جي حمايت آهي