October 26, 2021

ڪراچي: دهشتگردي جو منصوبو ناڪام، جوابدار ڌماڪيدار مادي سوڌو گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ شير شاهه جي علائقي مان پوليس لياري گينگ وار جي دهشتگرد کي ڌماڪي واري مواد سوڌو گرفتار ڪندي دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائي ورتو.

پوليس موجب شير شاهه ۾ طور بابا روڊ تان لياري گينگ جي گهربل دهشتگرد ناصر عرف ناچي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار جي قبضي مان ٻه ڪلو ڌماڪيدار مادو، ٽائم ڊيوائس، ڊيٽونيٽر ۽ وائر هٿ ڪيون ويون آهن.

جوابدار لياري گينگ جو اهم ڪارندو هو جيڪو دهشت جي علامت سمجهيو ويندو هو، جوابدار پنهنجي ساٿي ساجد عرف گولو سان گڏجي دهشتگرد ڪارروائي جو منصوبو جوڙي رهيو هو.

پوليس جو چوڻ هو ته جوابدارن خلاف ايڪسپلوسيو ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪري ان جي ساٿين جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.