November 28, 2021

60 سالا برطانوي سفارتڪار به جنسي هراساني کان نه بچي سگهي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارت ۾ غير ملڪي عورت سفارتڪار به غير محفوظ بڻجي ويون.

ڀارتي ميڊيا جي موجب 60 سالن جي برطانوي عورت سفارتڪار سان هراسگي جو واقعو ڀارتي شهر چندي ڳڙهه ۾ پيش آيو.

رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اربع جي ڏينهن عورت سفارتڪار چندي ڳڙهه ۾ صبح ٽينس کيڏڻ جي لاءِ گهران نڪتي ته جنسي زيادتي جو نشانو بڻجي ويون.

سفارتڪار جنسي هراسگي جي خلاف ڪيس رجسٽر ڪرايو آهي.

برطانوي سفارتڪار موجب موٽرسائيڪل سوار پٺيان کان اچي پٺتي تي هٿ رکيو ۽ ڀڄي ويو، ڀارتي ميڊيا موجب سفارتڪار جي شڪايت تي پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ۽ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.