October 26, 2021

ايشوريا راءِ اهڙو ڇا چيو جو پاڪستاني اداڪارا جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي!

بالي ووڊ جي مقبول ترين اداڪارا ايشوريا راءِ تازو پيرس فيشن ويڪ ۾ حصو ورتو هو، جتي هن پنهنجي خوبصورت ادائن سان هر ڪنهن کي ديوانو بڻائي ڇڏيو.

ان دوران دبئي جي روڊن تي ايشوريا راءِ سان هڪ خاص فين ملي، اها خاص فين ڪا ٻي نه پر پاڪستاني اداڪارا سعديا خان آهي ۽ ٻنهي جي تصوير سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.

سعديا خان انسٽاگرام تي اڳوڻي مس ورلڊ ايشوريا راءِ سان گڏ پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻنهي اداڪارائن کي هلڪي گلابي رنگ جو لباس پاتل آهي، جڏهن ته ايشوريا راءِ کي ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ماسڪ به پاتل آهي.

پوسٽ جي ڪيپشن ۾ سعديا خان لکيو ته ايشوريا راءِ ان سياري جي سڀ کان وڏي خوبصورت ۽ پرسڪون عورت آهي.

هن وڌيڪ لکيو ته اهو ٻڌي منهنجي پيرن مان زمين نڪري وئي، جڏهن ايشوريا راءِ چيو ته توهان تمام خوبصورت آهيو، سدائين خوش رهو.

سعديا خان چيو ته هاڻ مون کي پنهنجي خوبصورتي تي يقين اچي ويو آهي، ڇو ته ايشوريا راءِ چيو آهي.

واضح رهي ته ايشوريا راءِ ۽ سعديا خان جي تصوير سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.