October 26, 2021

زال رُسي پيڪين وڃڻ تي همراهه ٽن سالين کي اغوا ڪري ورتو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي ڀر واري علائقي متني ۾ هڪ شخص گهرواري ڪاوڙجي پيڪين وڃڻ تي ٽن سالين کي اغوا ڪري ورتو.

زرتاج نالي عورت پوليس وٽ رپورٽ داخل ڪرائيندي چيو ته منهنجي 19 سال اڳ سعيد سان شادي ٿي هئي، جنهن مان 9 ٻارن جو اولاد آهي، 3 مهينا اڳ مڙس گهريلو اڻبڻت تي تشدد جو نشانو بڻائي گهران ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ مان پيڪين اچي ويس.

عورت موجب مون کي اطلاع مليو ته مڙس پنهنجي ڀيڻن جي مدد سان گهر جو سامان ٻئي جاءِ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ ڏينهن مان پنهنجي ماءُ سان مڙس جي گهر وئي هيس ۽ واپس آيس ته خبر پئي مڙس پنهنجي دوست ابوبڪر جي مدد سان منهنجي ٽن جوان ڀيڻن کي اغوا ڪري ورتو آهي.

شروعاتي جاچ کانپوءِ پوليس عورت جي مڙس سعيد ۽ ان جي دوست ابوبڪر خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.