October 26, 2021

سعودي عرب ۾ ايئرپورٽ تي ڊرون حملا، 10 ڄڻا زخمي

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي ڏکڻ واري شهر جيزان ۾ شاهه عبدالله ايئرپورٽ تي ڌماڪيدار مواد جي ٻن ڊرون حملن ۾ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پهرين حملي جي نتيجي ۾ 6 سعودي، 3 بنگلاديشي ۽ هڪ سوڍاني شهري زخمي ٿيو.

فوجي اتحاد جي ترجمان ٻڌايو ته حملي سبب ايئرپورٽ جي ڪجهه حصن جا شيشا به ٽٽي پيا.

فوجي اتحاد جي ترجمان نقصان ۽ زخمين جا تفصيل فراهم ڪرڻ کان سواءِ ٻڌايو ته ڊرون جي ٻين حملي کي روڪيو ويو.

سعودي جي سرڪاري ٽي وي چينل موجب شاهه عبدالله ايئرپورٽ تي هوائي ٽريفڪ معمول موجب آهي.

ڊرون حملن جي حوالي سان فوري طور تي حوثي باغين طرفان ذميواري قبول ناهي ڪئي وئي.

پر اهي باعي گروپ اڪثر ڊرون ۽ ميزائل حملن سان سعودي کي نشانو بڻائيندا رهندا آهن.