October 26, 2021

سنڌ حڪومت تعليمي ادارن بابت نئون اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي کانپوءِ سومر کان سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا 100 سيڪڙو حاضري سان کولڻ جو اعلان ڪيو هو.

وفاقي وزير اسد عمر ٻڌايو هو ته بيماري جي پکيڙ ۾ گهٽتائي ۽ اسڪول ويڪسينيشن پروگرام شروع ڪرڻ جي بنياد تي اين سي او سي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سمورن تعليمي ادارن ۾ سومر 11 آڪٽوبر کان ڪلاسون معمول موجب شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

ان ڏس ۾ سنڌ جي تعليم کاتي طرفان به نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سومر 11 آڪٽوبر کان سمورا نجي ۽ سرڪاري اسڪول 100 سيڪڙو حاضري سان کوليا ويندا.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اسڪولن ۾ 100 سيڪڙو حاضري جو فيصلو اين سي او سي اجلاس ۾ روشني ۾ ڪيو ويو آهي.

گذريل مهيني وفاقي وزير شفقت محمود سڄي ملڪ ۾ 16 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪيو.

اين سي او سي طرفان جاري پڌرائيءَ ۾ چيو ويو هو ته 16 سيپٽمبر کان سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا کوليا ويندا پر رڳو 50 سيڪڙو شاگردن کي ڪلاسن ۾ گهرائڻ جي اجازت هوندي.

بيان ۾ چيو ويو هو ته ان دوران روز جي بنياد تي اين سي او سي ۾ بيماري جو جائزو ورتو ويندو ۽ ضرورت محسوس ٿيڻ تي بيماري تي ضابطي لاءِ اهم فيصلا ڪري سگهجن ٿا.

ان کان اڳ ملڪ ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر دوران ڪيسن ۾ واڌ سبب تعليمي ادارا بند ڪيا ويا هئا.