October 26, 2021

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا 163 نوان ڪيس ۽ 4 فوتگيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 163 ڪيس سامهون آيا ۽ وڌيڪ 4 مريض لاڏاڻو ڪري ويا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ چار مريض پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا ۽ فوتين جو انگ 7484 تائين پهچي ويو آهي، جيڪا فوتين جي 1.6 سيڪڙو شرح آهي.

هن ٻڌايو ته صوبي ۾ 4323 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن مان 163 ڪيس ظاهر ٿيا، جيڪا 3.8 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 6127751 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، جن مان 461587 ڪيسن جي تشخيص ڪئي وئي، انهن مان 93.8 سيڪڙو يعني 432784 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 212 مريض پڻ شامل آهن.

وڏي وزير چيو ته هن وقت 21319 مريض علاج هيٺ آهن، انهن مان 21010 گهرن ۾، 29 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 280 مختلف اسپتالن ۾ آهن.

سندس چوڻ هو ته 276 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 19 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي.

بيان موجب 163 نون ڪيسن مان 87 ڄڻا ڪراچي مان آهن، جن ۾ اوڀر 48، ڏکڻ 12، ڪورنگي 11، ملير 7، سينٽرل 6 ۽ اولهه ضلعي ۾ 3 شامل آهن.