October 26, 2021

”شعيب ملڪ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي تجربي ڪار آل رائونڊر شعيب ملڪ جي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شموليت تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ شاهد آفريدي چيو ته شعيب ملڪ جو ٽيم ۾ واپسيءَ جو ٻڌي سٺو لڳو، هو هڪ سينيئر ۽ تجربي ڪار رانديگر آهي، ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

واضح رهي ته ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل صهيب مقصود انجري سبب ميگا ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويو، جنهن کانپوءِ سندس جاءِ تي آل رائونڊر شعيب ملڪ کي ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي.